اُڻِ تُڻِ بابت
معنيٰ
ڳڻتِي، تشويش، چنتا، بيقراري، هُرکُر، آنڌ مانڌ. فڪر، انتظار. يادگيري.
Care, anxiety, disquietude, perplexity, distraction, uneasiness.
بيتن ۽ وائين ۾
- اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ نَہ ٻُورُ، ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ، مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين، اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ، اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]